سعودي عرب يمن جي حوثي تنظيم طرفان سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جي اعلان ۽ واپاري جهازن تي حملن جي ڌمڪين جي سخت مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته اهڙين ڪاررواين جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن جي حوثين طرفان سعودي عرب جي سامونڊي ناڪابندي جو اعلان انتهائي قابلِ مذمت آهي.
بيان ۾ حوثين پاران سعودي عرب تي يمني عوام جو گهيرو ڪرڻ واري الزام کي به رد ڪندي چيو ويو ته سعودي عرب يمني عوام ۽ يمن جي قانوني حڪومت جي حمايت جاري رکندو.
هوڏانهن يمن ۾ سعودي قيادت هيٺ قائم فوجي اتحاد اعلان ڪيو آهي ته آبنائي باب المندب مان گذرندڙ واپاري جهازن جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته حوثين طرفان جهازن تي حملن جي ڪنهن به ڌمڪي جو طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن يمن جي حوثي تنظيم انصارالله سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو.
انصارالله جي ترجمان چيو هو ته سعودي عرب طرفان يمن تي لاڳو ڪيل محاصري جي جواب ۾ سامونڊي ناڪابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته صنعا ايئرپورٽ جي بندش ناقابلِ قبول آهي ۽ ان جو جواب به بندش سان ڏنو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حوثين سعودي عرب تي صنعا ايئرپورٽ تي فضائي حملا ڪرڻ جو الزام لڳائيندي جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ حوثين سعودي عرب ڏانهن ميزائل حملا ڪيا، جن کي سعودي دفاعي نظام ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.