ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، مبينا پوليس ڪاررواين ۽ ملڪيتن جي تڪرارن خلاف احتجاج ۽ ڌرڻا

فہرستِ مضامین

ڪوٽڙي (رپورٽ: سميع خان) ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني، مبينا پوليس ڪاررواين ۽ ملڪيتن جي تڪرارن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا.

ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستي واري علائقي ۾ دڪاندار ذوالفقار ٻٻر جي چوري ٿيل رقم بازياب نه ٿيڻ خلاف دڪاندار اتحاد، سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ۽ پاڪستان نوجوان تحريڪ جي سڏ تي ايس ايس پي ڄامشورو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج جي اڳواڻي ايس ٽي پي اڳواڻ امجد مستوئي ۽ پاڪستان نوجوان تحريڪ جي اڳواڻ عبدالستار لُهر ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ واپارين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اڳواڻن الزام هنيو ته واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪا به نمايان اڳڀرائي نه ڪئي آهي ۽ واقعي واري هنڌ تي به دير سان پهتي، جنهن سبب جوابدار فرار ٿي ويا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل رقم جلد بازياب ڪري متاثر دڪاندار حوالي ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. مظاهرين پوليس کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته ايڊمور پمپ وٽ ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بند ڪئي ويندي.

هوڏانهن ڪوٽڙي سائيٽ جي ابڙا چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ ريحانا ابڙو پنهنجي نڻان ياسمين ابڙو سان گڏ پريس ڪلب ڪوٽڙي پهچي احتجاج ڪيو. هن الزام هنيو ته مڙس جي وفات کانپوءِ سندس ڏيرن عمران ابڙو، مرتضيٰ ابڙو، اياز ابڙو، رياض ابڙو ۽ فياض ابڙو مبينا طور سندس گهر ۽ اسڪول تي قبضو ڪري ورتو آهي.

بيواهه عورت چيو ته جوابدارن سندس اسڪول کي تالو هڻي بند ڪيو آهي ۽ کيس مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي گهر ۽ اسڪول تان مبينا قبضو ختم ڪرائڻ، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

ٻئي طرف ڪوٽڙي سائيٽ جي مسلم ٽائون ۾ پوليس جي مبينا ڪارروائي خلاف چانڊيا برادري جي ماڻهن هيڊ اوور پل تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل رهي ۽ سوين گاڏيون ڦاسي پيون.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق چنا پوليس پارٽي سميت بنا قانوني جواز جي گهرن ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ نوجوان خالق چانڊيو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن نوجوان ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي ته کيس قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ فوري طور بازياب ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي ڀرسان واهه مان نوجوان جو پراسرار لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي ڀرسان ڪي بي فيڊر مان هڪ نوجوان جو پراسرار لاش هٿ آيو آهي.

علائقي واسين لاش ڏسڻ بعد پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو. لاش لڳ ڀڳ 10 ڪلاڪن تائين سڃاڻپ لاءِ اسپتال ۾ پيل رهيو، پر ڪنهن به وارث رابطو نه ڪيو.

پوليس موجب فوتي نوجوان جي هٿ جي تري تي “شيراز سومرو، ڪوٽڙي” لکيل هو، جنهن سبب سڃاڻپ وارو معاملو وڌيڪ پراسرار بڻجي ويو آهي.

پوليس سڃاڻپ لاءِ فوتي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي به جاري ڪيون آهن، جڏهن ته ابتدائي جاچ موجب جسم تي ڪنهن به قسم جا ظاهري تشدد جا نشان موجود ناهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي، جيڪڏهن فوتي جا وارث سامهون نه آيا ته قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش سندن حوالي ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں