سنڌ ھاءِ ڪورٽ: منشيات ڪيسن ۾ عام لفظن بدران قانوني اصطلاحن جي استعمال جو حڪم

فہرستِ مضامین

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته منشيات بابت داخل ٿيندڙ ڪيسن ۾ رڳو قانوني ۽ تسليم ٿيل اصطلاحن جو استعمال ڪيو وڃي.

جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس امجد علي سهتو منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار افتخار حسين کي نيپيئر ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان 560 گرام ويڊ هٿ آئي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي سنگل ڪنونشن آن نارڪوٽڪ ڊرگز ۾ “ويڊ” جي ڪا قانوني تعريف موجود ناهي، جڏهن ته قانون رڳو ڪينابس، چرس، ڀنگ، گانجو ۽ ٻين مقرر ڪيل قانوني لفظن کي تسليم ڪري ٿو.

عدالت وڌيڪ چيو ته ڪيسن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ “ويڊ” جهڙي عام اصطلاح جو استعمال قانوني پيچيدگي پيدا ڪري ٿو، تنهن ڪري فوجداري ڪيسن ۾ قانون ۾ موجود قانوني اصطلاحن جو ئي استعمال ٿيڻ گهرجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته آئنده ڪنهن به منشيات واري ڪيس ۾ “ويڊ” جهڙي عام استعمال واري اصطلاح بدران ڪيميڪل ايگزامينيشن جي بنياد تي قانوني اصطلاح استعمال ڪئي وڃي.

عدالت چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي به هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل آفيسرن لاءِ انتظامي حڪم جاري ڪن.

ٻڌڻي دوران عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت پڻ منظور ڪري ورتي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں