تيل جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا، ڇا آمريڪا توانائي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي؟

فہرستِ مضامین

ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ خام تيل جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي 45 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا آهن.

بينڪ آف آمريڪا جي جاري ڪيل چارٽ موجب ملڪ وٽ هن وقت رڳو 43 ڏينهن جي تيل جي فراهمي بچي آهي، جيڪا جولاءِ 1983ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح قرار ڏني پئي وڃي. ماهرن موجب اها صورتحال آمريڪي توانائي سلامتي لاءِ اهم اشارو سمجهي پئي وڃي.

آمريڪي انرجي انفارميشن ايڊمنسٽريشن (EIA) جي تازي انگن اکرن موجب 10 جولاءِ تائين آمريڪا جا ڪمرشل خام تيل جا ذخيرا لڳ ڀڳ 409.7 ملين بيرل رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي گذريل پنجن سالن جي اوسط کان لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گهٽ آهن.

اداري موجب 18 جولاءِ تائين آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پيٽروليم ريزرو به گهٽجي 316.5 ملين بيرل رهجي ويو، جيڪا اپريل 1983ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح آهي.

رپورٽ موجب آمريڪا جا ڪمرشل ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرا گڏيل طور تي لڳ ڀڳ 730.8 ملين بيرل رهجي ويا آهن، جيڪي گذريل چئن ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطحن مان هڪ قرار ڏنا پيا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں