آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران ڪنهن آمريڪي فوجي کي قتل ڪندو ته ان کي ان جي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ قيمت چڪائڻي پوندي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته هن آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين ڊينيئل ڪين ۽ آمريڪي فوج کي ان حوالي سان واضح هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته آمريڪي بچاءَ واري وزارت (پينٽاگون) تصديق ڪئي آهي ته گذريل هفتي اتر عراق ۽ اردن ۾ ايراني حملن دوران ٽن آمريڪي فوجين جي موت ٿي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب اردن ۾ حملي واري هنڌ تان ملندڙ ڪجهه ناقابلِ سڃاڻپ انساني عضون جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن مان امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو.
نيتن ياهو کي آمريڪا ۾ گرفتار ٿيڻ نه ڏينداسين: ٽرمپ
هڪ ٻئي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي آمريڪا اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن به حال ۾ گرفتار ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته نيتن ياهو ايران خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته ايران تي الزام هنيو ته هن تازن واقعن ۾ 52 هزار بيگناهه مظاهرين کي قتل ڪيو ۽ گذريل 47 سالن کان آمريڪي فوجين ۽ ٻين ماڻهن کي نشانو بڻائيندو رهيو آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته گرفتار ته انهن ماڻهن کي ٿيڻ گهرجي، جن ايران کي موت ۽ تباهي جي هن صورتحال تائين پهچايو. سندس چوڻ هو ته ان مسئلي کي ڪيترائي سال اڳ ئي حل ٿيڻ گهرجي ها، پر اڳوڻا آمريڪي صدر ائين نه ڪري سگهيا.
واضح رهي ته ٽرمپ جو هي بيان نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني جي ان بيان کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته نيتن ياهو جي نيويارڪ آمد تي سندس گرفتاري جي قانوني امڪانن جو جائزو ورتو پيو وڃي.