آمريڪي بچاءَ واري وزارت (پينٽاگون) تصديق ڪئي آهي ته ايران خلاف جاري جنگ دوران گذريل ٻن هفتن ۾ لڳ ڀڳ 100 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا آهن.
پينٽاگون جي ترجمان شان پارنيل چيو آهي ته 7 جولاءِ کان هينئر تائين لڳ ڀڳ 100 آمريڪي فوجين کي مختلف نوعيت جا زخم رسيا آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته زخمي ٿيل فوجين مان 96 سيڪڙو علاج کانپوءِ ٻيهر ڊيوٽي تي واپس اچي چڪا آهن.
هي انڪشاف اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا تازو ئي اردن ۾ ايراني حملي دوران مارجي ويل ٻن آمريڪي فوجين جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي آهي.
ان کان اڳ پينٽاگون رڳو ايترو ٻڌايو هو ته 28 فيبروري کان هينئر تائين ايراني حملن جي نتيجي ۾ 14 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته 427 زخمي ٿيا آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب اتر عراق ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جي جوابي حملن کانپوءِ مارجي ويل فوجين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
رپورٽن موجب اردن ۾ حملي واري هنڌ تان ملندڙ ڪجهه ناقابلِ سڃاڻپ انساني عضون جو فرانزڪ جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن مان امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو.
آمريڪا اڳ ئي ايراني حملن ۾ ٽن آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هڪ آمريڪي فوجي اڃا تائين لاپتا آهي.
گذريل ڏينهن آمريڪي فوج اها پڻ تصديق ڪئي هئي ته 18 جولاءِ تي اتر عراق ۾ هڪ آمريڪي فوجي اهلڪار آپريشن دوران مارجي ويو، جڏهن ته ان کان اڳ اردن تي ايراني ميزائل حملي ۾ ٻه آمريڪي فوجي مارجي ويا، هڪ لاپتا ٿيو ۽ چار زخمي ٿيا هئا.