تحرير: عزيزاللھ
سنڌ ۾ اغوا يا گم ٿيل ٻارن جا ڪيترائي ڪيس مختلف وقتن تي سامهون آيا آهن. ڪجهه ڪيسن کي وڏي ميڊيا ڪوريج ملي.
پريا ڪماري هندو برادري سان تعلق رکندڙ نينگري، جيڪا آگسٽ 2021ع يعني 10 محرم جي ڏينھن خيرپور ضلعي جي علائقي سنگرار مان گم ٿي وئي. هن جي بازيابي لاءِ ڪيترائي احتجاج، ريليون ۽ مهمون هليون، پر هوءَ اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي.
ان کان بعد پڻ ڪيترن ئي ٻارن جي گم ٿيڻ جون خبرون مليون آھن جنھن ۾ اجالا سولنگي، نويد لاشاري، فوزيہ سرڪي ، عليان، علي رضا، دلشاد، عزيلا ۽ ڪرشما ڀيل سميت 17 ٻار گم ڄاڻايل آھن جڏھن تہ مختلف وقتن تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي، خيرپور ۽ ڪراچي مان پڻ ٻارن جي گم ٿيڻ يا اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. انهن مان ڪجهه ٻار بعد ۾ بازياب ٿيا، جڏهن ته ڪجهه ڪيس اڃا به حل نہ ٿيا آهن.
اغوا يا گمشدگي جا سبب هر ڪيس ۾ هڪجهڙا ناهن هوندا. پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارا مختلف ڪيسن ۾ انساني اسمگلنگ، تاوان، خانداني تڪرار، يا ٻين سببن جي جاچ ڪندا آهن. ڪنهن به هڪ سبب کي سڀني ڪيسن تي لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
جڏھن تہ مختلف وقتن تي پريا جي معامري تي جي آءِ ٽي جوڙيون ويون آھن پر ھن وقت تائين ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي سگھي آھي ايس ايس پي پنھنجا پنھنجا بيان ڏئي ڳالھ کي ٽاريو ڇڏين پر آءِ جي سنڌ بہ سندس جي ڪيس کي مئل قرار ڏئي ٺپ ڪرائڻ چاھي ٿو.
جڏھن ٻيو ڀيرو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي تحريڪ ھلائي وئي تہ سڄاڻ ڌرين کي حڪومت لولي پوپ ڏئي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي اهو فيصلو صحيح آهي يا غلط اهو وقت ٻڌائيندو. ائين ٿيڻ سان هڪڙي ڳالھ واضح آهي ته عوام ساڳيو نعرن تائين محدود رھجي وڃي ٿي ٻه ڏينھن مسئلو ھلي ٿو ڌرڻا لڳن ٿا ريليون نڪرن ٿيون مزاحمتي بيان ريڪارڊ ٿيڻ بعد وري ساڳيو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.
ڇو جو ھن درد جو احساس ان کي ٿيندو جنھن جو جيءُ جھريو ھوندو جنھن کان ڪوئل جي ڪوڪ کسي وئي ھوندي ڪنھن ماءُ جي ھنج خالي ٿي ھوندي.جڏھن ھو پنھنجي ٻارن کي ياد ڪري بيھوش ٿيو وڃن.
جڏھن تہ اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جتي مظلوم جي دانھن ٻڌڻ کان پھرين ظالم کي ظلم جا ساٿاري ملي ويندا آھن. اقتدار ۾ آيل حڪمران جنهن جا حڪم ذاتي پسند ۽ ناپسند تي ٻڌل هجن ۽ رياست جي قانون يا آئين جو بنياد هن قسم جي حڪمرانن جي ذاتي خواهشن تي ٻڌل ھجي اتي انصاف ڪيئن ٿو ملي سگھي ـ؟