زرعي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو اجلاس، اهم تعليمي، مالي ۽ انتظامي فيصلا منظور

فہرستِ مضامین

ٽنڊو جام:

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام جي سنڊيڪيٽ جو اعليٰ سطحي اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي سان لاڳاپيل اهم تعليمي، مالي ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترن ئي سڌارن جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس جي شروعات 117هين سنڊيڪيٽ اجلاس جي ڪارروائي جي متفقه توثيق ۽ ان ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي منظوري سان ٿي، وائيس چانسلر تعليمي تسلسل، تدريسي سڌارن ۽ انتظامي شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيل قدمن جي به توثيق ڪئي

اجلاس ۾ مالي سال 2023-24 جا سالياني حساب ڪتاب، مالي سال 2024-25 جو نظرثاني ٿيل بجيٽ ۽ مالي سال 2025-26 جو بجيٽ منظور ڪيو ويو، جيڪي اڳ ۾ ئي 30 جون 2025 تي فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي سفارش ڪئي هئي.

سنڌ حڪومت جي هدايتن جي روشني ۾ اجلاس ۾ رليف الائونس 2025 ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ اضافي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مالي سال 2023-24 جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ رپورٽ کي پيش ڪري باضابطه طور منظور ڪيو ويو.

سنڊيڪيٽ يونيورسٽي جي عارضي ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڀلائيءَ کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ صوبائي پاليسي موجب واڌ جي منظوري ڏني ۽ شعبا سربراهن کي امپريڪٽ ۽ متفرق خرچن جي مد ۾ فنڊ ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ته جيئن انتظامي معاملن ۾ بهتري آڻي سگهجي.

اجلاس ۾ ٻين اهم انتظامي فيصلن ۾ سنڊيڪيٽ جي رڪن کي سيلڪشن بورڊ ۾ نامزد ڪرڻ، فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي ۾ رڪن جي شموليت، يونيورسٽي ڊسپلن ڪميٽي لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ، مختلف تعليمي سالن جي فارغ التحصيل شاگردن جي فهرست جي منظوري ۽ شعبو پولٽري هسبينڊري جو نالو تبديل ڪري شعبو پولٽري سائنس رکڻ شامل آهي ته جيئن تعليمي شعبي کي صنعت سان هم آهنگ بڻائي سگهجي.

اڳوڻي ايس زيڊ اي بي ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو) جي بدليءَ جي درخواستن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل مينيجمينٽ سائنسز، خيرپور ميرس لاءِ تدريسي ۽ غير تدريسي اسامين جي تخليق (SNEs) جي سفارش به غور هيٺ آئي.

اجلاس جي پڄاڻي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سنڊيڪيٽ جي ميمبرن جي فعال ڪردار، تجويزن ۽ گڏيل سهڪار کي ساراهيندي چيو ته انهن جون ڪوششون يونيورسٽي ۾ شفافيت، تعليمي معيار ۽ مؤثر گورننس جي قيام ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں