لائیو ايران-آمريڪا معاهدي جا اثر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي

فہرستِ مضامین

ايران ۽ آمريڪا جي معاهدي جي اثرن سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن تي زبردست تيزي ڏٺي پئي وڃي.

حصص مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 3487 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ انڊيڪس 1 لک 75 هزار 887 پوائنٽن تي پهچي ويو۔

اڄ تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1 لک 75 هزار 836 پوائنٽن جي گهٽ ترين سطح تائين پهتو، جڏهن ته 1 لک 76 هزار 917 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين به ويو.

واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 72 هزار 399 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں