لائیو امن معاهدو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ڳالهين ذريعي امن ڏانهن هڪ اهم قدم آهي: بلاول ڀٽو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کي ڀليڪار ڪيو آهي.

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امن معاهدو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين ذريعي امن ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته هي مثبت اڳڀرائي ان عمل ۾ شامل سڀني ڌرين جي دانائي ڀري قيادت ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته هو هن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جڏهن ته خطي جي استحڪام لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثابت قدم حمايت کي به ساراهيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں