آمريڪا جو نيٽو لاءِ فضائي ۽ بحري قوت ۾ وڏي ڪٽوتي جو منصوبو، يورپي اتحادين ۾ ڳڻتي

فہرستِ مضامین

آمريڪا نيٽو آپريشنز لاءِ يورپ ۾ پنهنجي فضائي ۽ بحري فوجي اثاثن ۾ نمايان گهٽتائي جو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن سبب اتحادين ۾ واشنگٽن جي دفاعي عزم بابت خدشا وڌي ويا آهن۔

عربي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪا نيٽو لاءِ مقرر ٿيل جنگي جهازن جو انگ 150 مان گهٽائي 100 ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔

بحري نگراني ڪندڙ جهازن جو انگ 26 مان گهٽائي 15 ڪيو ويندو، جڏهن ته 8 فضائي فيول ڀرڻ وارا جهاز مڪمل طور تي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

عربي ميڊيا موجب آمريڪي منصوبي تحت هڪ ميزائل بردار آبدوز، هڪ جهاز کڻندڙ جنگي بحري جهاز، ڪيترائي جنگي بحري جهاز ۽ هڪ بمبار يونٽ به ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو۔

نيٽو عملدارن جو چوڻ آهي ته هي تبديلي اتحاد کي هڪ ئي ملڪ تي انحصار کان ڪڍي وڌيڪ پائيدار دفاعي ڍانچي طرف وٺي ويندي، جڏهن ته ماهرن موجب انهن قدمن سان يورپ جي دفاعي حڪمت عملي ۽ روسي خطري کي منهن ڏيڻ جي تيارين تي اثر پئجي سگهي ٿو۔

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ يورپي ملڪن کان دفاعي خرچ وڌائڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن ۽ نيٽو تي تنقيد پڻ ڪندا رهيا آهن۔

عربي ميڊيا موجب ايندڙ نيٽو سربراهي اجلاس 7 ۽ 8 جولاءِ تي ترڪي ۾ ٿيندو، جتي هن معاملي تي اهم ڳالهين جو امڪان آھي ۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں