پاڪستان جي اقتصادي سروي 2026: واڌ، مهانگائي گهٽ پر غربت ۾ اضافو 

فہرستِ مضامین

اسلام آباد(بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل اقتصادي سروي 2025-26 ملڪ جي معيشيت بابت ملي جلي تصوير پيش ڪري ٿو، جتي هڪ پاسي اقتصادي شرح واڌ 3.7 سيڪڙو تائين پهچي چار سالن جي بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ته ٻئي پاسي غربت ۾ اضافو ٿي 28.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، يعني هر 100 مان لڳ ڀڳ 29 ماڻهو خط غربت کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.

معاشي واڌ ۽ مجموعي ڪارڪردگي

اقتصادي سروي موجب:ملڪ جي مجموعي اقتصادي شرح واڌ 3.7٪ رهي هي گذريل چار سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ سطح آهي ملڪ جي معيشيت جو حجم وڌي 452.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، في ڪس آمدني 1751 ڊالر کان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي آهي.

وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب موجب، پاڪستان گذريل سالن جي سخت معاشي بحرانن کان پوءِ هاڻي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي.

غربت ۾ واڌ  سڀ کان ڳڻتي جوڳا انگ

رپورٽ جو سڀ کان اهم ۽ ڳڻتي جوڳو پاسو غربت ۾ واڌ آهي: غربت جي شرح وڌي 28.9٪ ٿي وئي ملڪ ۾ هر ٽيون ماڻهو تقريباً  غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي.

ماهرن موجب، مهانگائي، روزگار جي کوٽ ۽ آمدني ۾ عدم استحڪام هن واڌ جا اهم سبب آهن.

مهانگائي، قرض ۽ مالي دٻاءُ

سروي مطابق: سراسري مهانگائي 6.2٪ رهي ملڪ جو مجموعي عوامي قرض وڌي 833 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو خانگي شعبي جي قرضن ۾ به 934 ارب رپين جو اضافو ٿيو.

ان سان گڏ معيشت تي قرضن جو بار مسلسل وڌي رهيو آهي، جيڪو مستقبل لاءِ وڏو چئلينج قرار ڏنو پيو وڃي.

زرعي ۽ صنعتي شعبي جي ڪارڪردگي

اقتصادي رپورٽ موجب زرعي، صنعتي ۽ سروسز شعبي ۾ ڪارڪردگي گهڻو ڪري هدف کان گهٽ رهي: زراعت، لائيو اسٽاڪ، ٻيلن ۽ ماهيگيري ۾ واڌ هدف کان گهٽ صنعتي شعبي ۾ به سستي ترقي بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌي 50,000 ميگاواٽ تائين پهچي وئي.

ترسيلات زر ۽ واپاري صورتحال

ترسيلات زر ۾ 8.2٪ واڌ مجموعي رقم 30.3 ارب ڊالر تائين پهچي وئي پر ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس گهٽجي صرف 72 ملين ڊالر رهجي ويو ٽيڪسٽائل برآمدات 13.5 ارب ڊالر تي برقرار پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

اقتصادي استحڪام بابت حڪومتي موقف

وفاقي وزير خزانه چيو آهي ته: ملڪ گذريل ڪجهه سالن جي بحرانن باوجود استحڪام حاصل ڪيو آهي هاڻي معيشت ترقي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي. عالمي بحران، موسم، ۽ جيو پوليٽيڪل حالتن به معيشيت تي اثر وڌو.

سياسي ۽ اقتصادي بحث

وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو ته: ملڪ جي ترقي لاءِ ماضي جون غلطيون درست ڪرڻ ضروري آهن، سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ بنا مستقل استحڪام ممڪن ناهي.

اقتصادي سروي 2026 پاڪستان جي معيشيت جي ٻٽي حقيقت سامهون آڻي ٿو: هڪ طرف واڌ ۽ استحڪام جا اشارا، ته ٻئي طرف غربت، قرض ۽ ساختياتي مسئلن ۾ واڌ. ماهرن موجب جيڪڏهن سڌارا نه آندا ويا ته هي فرق مستقبل ۾ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں