پاڪستاني اداڪارا مريم نفيس ملڪ ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ جنسي ڏوهن تي سخت ردِعمل ڏيندي هڪ اهڙو پيغام شيئر ڪيو آهي جنهن سوشل ميڊيا تي بحث ڇيڙي ڇڏي آهي۔
مريم نفيس پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته جانورن تي شين جي آزمائش ڪرڻ بدران زيادتي ڪندڙ ڏوهارين تي ٽيسٽ ڪريو۔
اداڪارا جي ان پوسٽ کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان وڏي توجه ملي، ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي مختلف پليٽ فارمن تي شيئر ڪندي حمايت جو اظهار ڪيو۔
هڪ صارف تبصرو ڪندي لکيو ته اهڙن ڏوهارين کي طبي تحقيق لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻئي صارف ان کي اڃا تائين جو بهترين خيال قرار ڏنو۔
هڪ ٻئي شخص راءِ ڏني ته تيزاب گردي ڪندڙن سان به اهڙو ئي سلوڪ ٿيڻ گهرجي۔