اسلام آباد: بجيٽ 2026ع جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ منجهند اڍائي وڳي طلب ڪيو ويو آهي۔
پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ نئين وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪابينا کي بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندو۔
ياد رهي ته وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن اقتصادي سروي پيش ڪئي هئي. ناڻي واري وزير چيو هو ته معاشي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي آهي۔
هن ٻڌايو ته جيڪڏهن وچ اوڀر جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها ته جي ڊي پي جي واڌ 4 سيڪڙو کان مٿي وڃي ها، جڏهن ته پاڪستاني معيشت جو حجم 452 ارب ڊالرن کان به وڌي ويو آهي۔