ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ تيزاب گردي جو نشانو بڻجندڙ ڊاڪٽر ماه نور جي چهري جي پلي گرافٽنگ ڪئي وئي آهي۔
اسپتال ذريعن موجب پلاسٽڪ سرجن مرحليوار گرافٽنگ جو عمل جاري رکندا، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر ماه نور جو ٽيون ڀيرو مڪمل طبي معائنو ڪيو آهي۔
ذريعن مطابق سندس چهري ۽ اکين جي ٻاهرين حصن، چپن ۽ نڪ تي زخم موجود آهن۔
ٻئي طرف تيزاب گردي واري واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرز پاران سرڪاري اسپتالن ۾ چوٿين ڏينهن به هڙتال جاري رهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔