فلم ‘پي ڪي’ ۾ 5 سيڪنڊن جي ڪردار اصل فقير جي زندگي بدلائي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڀارتي فلمسازراجڪمار ھيراني جي مشهور بالي ووڊ فلم PK ۾ هڪ نابينا فقير جي رڳو 5 سيڪنڊن جي ڪردار ان حقيقي فقير جي زندگي بدلائي ڇڏي.

سال 2014ع ۾ ٺهيل هن فلم ۾ فقير جي ڪردار لاءِ 8 حقيقي فقيرن مان منوج راءِ کي چونڊيو ويو هو.

فلم جي هڪ منظر ۾ منوج راءِ پل تي روڊ جي ڪناري، هٿ ۾ لٺ ۽ ڪشڪول کڻي، ڪارو ٿلهو چشمو پائي پنڻ لاءِ بيٺو هوندو آهي، ته فلم جو هيرو عامر خان (پي ڪي) سندس ويجهو اچي ڪشڪول مان ڪجهه پئسا چوري ڪري وٺندو آهي.

ڪردار ته ختم ٿي وڃي ٿو، پر فلم “پي ڪي” جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ان ڪردار جي حقيقي زندگي سامهون آئي. منوج راءِ کي فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ 16 هزار رپيا معاوضو ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ هو آسام جي سونيت پور ضلعي ۾ پنهنجي ڳوٺ موٽي ويو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

منوج راءِ ان کان پوءِ پنڻ جو پيشو ڇڏي ڏنو ۽ هڪ ڪرياني (راشن) جي دڪان کولي ورتي. هو اڄ به پنهنجي ڳوٺ ۾ اهو دڪان هلائي رهيو آهي ۽ باعزت زندگي گذاري رهيو آهي.

انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ منوج راءِ جي ماضي ۾ سخت غربت ۽ ڏکن ڀري زندگي رهي. روزاني مزدوري ڪندڙ مزدور جي پٽ منوج ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي ماءُ کان محروم ٿي ويو، جڏهن ته سندس پيءُ به بيمار رهندو هو. هن پنجين جماعت کان پوءِ اسڪول ڇڏي ڏنو ۽ روزگار جي تلاش ۾ دهلي هليو ويو، جتي هن گذر سفر لاءِ پنڻ جو رستو اختيار ڪيو.

منوج نابينا هجڻ جو بهانو بڻائي پنڻ شروع ڪيو. هو چوندو آهي ته انهيءَ دوران فلم وارن کانئس پڇيو ته ڇا اداڪاري ايندي اٿئي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته ٻه وقت جي ماني لاءِ مان اڳ ئي اداڪاري ڪري رهيو آهيان.

منوج ٻڌايو ته فلم وارن کيس 20 رپين جو نوٽ ۽ هڪ فون نمبر ڏنو. ٻئي ڏينهن هن فون ڪيو ۽ اسٽيڊيم پهچي ويو، جتي ماڻهن جو وڏو هجوم موجود هو. اتي هن ست ٻين فقيرن کي به ڏٺو، پر چونڊ آخرڪار سندس ٿي.

هن چيو ته جڏهن کيس دهلي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ترسايو ويو ته کيس پنهنجي اکين تي يقين نه پئي آيو.

منوج موجب، ڪچين آبادين ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينهن وهنجڻ به نصيب نه ٿيندو هو، پر هوٽل جي سوئمنگ پول ۾ هن دل کولي ترڻ ۽ ٽٻيون هڻڻ جو مزو ورتو. ان دوران هو عامر خان ۽ انوشڪا شرما سان گڏ رهيو.

منوج جو چوڻ آهي ته هاڻي ماڻهو کيس پي ڪي هني سنگهه جي نالي سان سڃاڻن ٿا. سندس فيس بڪ اڪائونٽ به آهي، ۽ هو مستقبل ۾ آسامي ۽ بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں