ايل اين جي جو هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو، پورٽ قاسم تي لنگرانداز

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (خاص رپورٽ): پاڪستان کي مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جو هڪ ٻيو اسپاٽ ڪارگو پهچي ويو آهي. ايل اين جي بردار جهاز “بي ڊبليو هيليوس” آچر ڏينهن ڪراچي جي پورٽ قاسم تي پي جي پي ايل ٽرمينل تي لنگرانداز ٿيو، جنهن سان ملڪ جي گئس فراهمي ۾ وڌيڪ استحڪام اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.

سرڪاري ذريعن موجب جهاز ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک 40 هزار ڪيوبڪ ميٽر ايل اين جي موجود آهي، جيڪا پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (پي ايل ايل) مقابلي واري بوليءَ جي عمل ذريعي خريد ڪئي آهي. ايل اين جي جي فراهمي جو ٺيڪو بي پي سنگاپور کي ڏنو ويو، جنهن لاءِ 19.1337 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب جهاز صبح جو تقريبن اٺين وڳي پورٽ قاسم پهتو، جتان گئس کي قومي ٽرانسميشن نظام ۾ شامل ڪيو ويندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين ڪارگو جي آمد سان گهريلو، صنعتي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ شعبن لاءِ گئس جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

توانائي شعبي جي ماهرن موجب عالمي مارڪيٽن ۾ ايندھن جي قيمتن ۽ علائقائي حالتن سبب پاڪستان لاءِ ايل اين جي جي خريداري هڪ اهم چئلينج رهي آهي، تنهن هوندي به نون ڪارگوز جي آمد سان ايندڙ هفتن دوران گئس جي دستيابي بابت خدشا ڪجهه حد تائين گهٽجي سگهن ٿا.

ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي وڌندڙ توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقامي گئس سان گڏ درآمدي ايل اين جي تي به وڏي حد تائين ڀاڙي رهيو آهي، جنهن ڪري عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن جي تبديلي ملڪ جي توانائي خرچن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں