سنڌ پوليس سيف سٽي پروجيڪٽ تحت ڪراچي ۾ 40 هزار گاڏيون بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيون آهن۔
ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙين گاڏين خلاف پهرين جولاءِ کان ڪارروائي شروع ڪئي ويندي، جيڪي گاڏيون خريد ڪرڻ باوجود اڃا تائين نئين مالڪ جي نالي منتقل نه ڪيون ويون آهن۔
پوليس اختيارين موجب اهڙيون گاڏيون جن جي مالڪن جا ڪاغذ مڪمل ناهن، اهي به بليڪ لسٽ ۾ شامل هونديون. اهڙيون گاڏيون جن جي مالڪن سرڪاري واجبات ادا نه ڪيا آهن، انهن کي به بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
اختيارين جو چوڻ آهي ته بليڪ لسٽ ڪيل گاڏين جي فهرست مڪمل ڪئي وئي آهي، اهڙيون گاڏيون ضبط به ٿي سگهن ٿيون ۽ مالڪن تي ڏنڊ به لڳائي سگهجن ٿا۔
پوليس اختيارين چيو آهي ته عوام فوري طور سنڌ پوليس جي پورٽل تي وڃي پنهنجي گاڏي جي معلومات حاصل ڪري. جيڪڏهن توهان جي گاڏي بليڪ لسٽ ۾ آهي ته پھرين جولاءِ تائين ان جي مالڪي تبديل ڪرائي وٺو۔