ڊراما نگار ۽ اسڪرپٽ رائٽر خليل الرحمان قمر اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان جي تنقيد تي سخت ردعمل ڏنو آهي۔
تازو هڪ انٽرويو دوران خليل الرحمٰن قمر کان ناديا خان ۽ سندس ڊرامي بابت تنقيد تي سوال ڪيو ويو۔
جواب ۾ خليل الرحمان قمر چيو ته سندس ڊرامي “مين منٽو نھين ھون” تي دنيا جي خاتمي تائين تنقيد ٿيندي رهندي. هن چيو ته جڏهن تائين سندس نظرئي سان اختلاف رکندڙ ماڻهو موجود آهن، اهو سندن حق آهي، ۽ مان پنهنجو ڪم جاري رکندس۔
بعد ۾ هن ناديا خان تي تنقيد ڪندي چيو ته اها بدقسمتي آهي ته اهڙا ماڻهو ٽيليويزن تي ويهي وڏن ليکڪن جي ڪم تي تنقيد ڪن ٿا۔
هن دعويٰ ڪئي ته ناديا خان اردو ۾ هڪ سادو خط به نٿي لکي سگهي، پر ملڪ جي وڏن اديبن ۽ ليکڪن تي تنقيد ڪري ٿي۔
خليل الرحمٰن قمر وڌيڪ چيو ته سندس خيال ۾ ناديا خان جي ناراضگي جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن ڪڏهن به کيس پنهنجي ڪنهن پروجيڪٽ ۾ ڪاسٽ ناهي ڪيو۔
سندس موجب هو منهنجي يا ڪنهن ٻئي ليکڪ جي نه، پر ٽيلنٽ ۽ پاڪستان جي توهين ڪري رهي آهي۔
انٽرويو دوران خليل الرحمان قمر ڀارت ۽ دبئي ۾ مليل پذيرائي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هڪ ليکڪ طور کيس ٻاهرين ملڪن ۾ تمام گهڻي عزت ڏني وڃي ٿي۔