اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي صحت، معيشت ۽ خوراڪ لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي۔
عالمي ماحولياتي ڏينهن جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري عالمي ۽ قومي سطح تي ماحولياتي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان گهٽ ڪاربن اخراج باوجود موسمياتي خطرن وارن ملڪن ۾ شامل آهي۔ هن گليشيئرن جي تيزي سان ڳرڻ، ٻوڏن ۽ سخت گرمي جي لهرن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي۔
صدر زرداري چيو ته پاڻي جي مؤثر استعمال ۽ فضلي ۾ گهٽتائي جي فوري ضرورت آهي۔ جنگلات جي تحفظ ۽ حياتياتي تنوع (بايوڊائورسٽي) جي واڌاري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جڏهن ته قابلِ تجديد توانائي جي منصوبن کي تيز ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ ماحولياتي تحفظ کي قومي پاليسي جو بنيادي ستون بڻائڻ جي ضرورت آهي۔ پاڪستان بين الاقوامي سهڪار ۽ موسمياتي قدمن (ڪلائميٽ ايڪشن) لاءِ پرعزم آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ۽ پائيدار ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي۔
وزيراعظم شهباز شريف پڻ ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي غيرمتزلزل عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ماحول جي حفاظت لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺو آهي۔
عالمي ماحولياتي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ماحول جو تحفظ گڏيل عالمي ذميواري آهي، ۽ انسانيت کي درپيش ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط عالمي قدمن جي ضرورت آهي۔ ٻوڏون، خشڪ سالي ۽ گليشيئرن جو تيزي سان ڳرڻ موسمياتي تبديلي جي تلخ حقيقت کي ظاهر ڪن ٿا۔
شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن۔ ماحولياتي بگاڙ سبب ملڪ کي انساني ۽ معاشي سطح تي وڏن نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فردي، سرڪاري ۽ عالمي سطح تي مضبوط عزم ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي۔
وزيراعظم عوام تي زور ڀريو ته هو ماحول دوست طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ جي عزم کي نئين سر ورجائين ۽ گڏجي هڪ سرسبز، ماحول دوست ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪم ڪن۔ هن چيو ته ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ ماحول جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔