بيروت: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان باوجود جنگبندي رڳو دعوائن تائين محدود رهجي وئي آهي۔
لبناني صحت واري وزارت موجب لبنان جي شهر مروانيه تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت وڌيڪ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن۔
زخمين ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جا 5 ملازم پڻ شامل آهن، جڏهن ته اسپتال ۾ داخل ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔
رپورٽن موجب اسرائيلي حملا اتر برج، عبا ۽ تبنين وارن علائقن ۾ ڪيا ويا۔
اسرائيلي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ حملا بند نه ڪيا ويندا، فوجي ڪارروايون هر صورت ۾ جاري رهنديون، ۽ اسرائيل جو مقصد حزب اللھ کي هٿيارن کان محروم ڪرڻ آهي۔
ٻئي پاسي حزب الله جي ڊرون حملي ۾ ٻه اسرائيلي فوجي زخمي ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن۔