بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن جي ماءُ جي گهر ۾ واردات، 25 لک رپين جا زيور چوري

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن جي ماءُ جي تقريباً 25 لک رپين جي ماليت جا زيور ۽ گهڙيون چوري ٿي ويون.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي علائقي جوهو ۾ اداڪارا جي ماءُ جي گهر ۾ چوري جي واردات ٿي، جنهن جو پتو تڏهن پيو جڏهن گهر وارن ڏٺو ته لاڪر مان قيمتي سامان غائب هو.

پوليس روينا ٽنڊن جي ماءُ جي گهر مان 25 لک رپين جا زيور ۽ گهڙيون چوري ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪا اداڪارا جي خاندان سان ئي تعلق رکي ٿي.

پوليس موجب ملزمه جي سڃاڻپ 47 ورهين جي راشي ڇابريا طور ٿي آهي، جيڪا 2020 کان اداڪارا جي گهر ايندي رهي آهي. هن عورت اداڪارا جي ماءُ جي مدد ۽ سارسنڀال ڪري خاندان جو اعتماد حاصل ڪيو هو.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ملزمه جي قبضي مان ڪجهه قيمتي گهڙيون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته باقي زيورن جي وصولي لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں