مشهور ڀارتي فلم ساز ۽ اداڪارا پوجا بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي والد، فلم ساز مهيش بٽ، سوني رازدان سان ٻي شادي ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو هو۔
پوجا بٽ هڪ يوٽيوب چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت دوران پنهنجي والد مهيش بٽ جي سوني رازدان سان ٻي شادي بابت ڳالهايو.
هن چيو ته هوءَ پنهنجي والد جي سوني رازدان سان شادي ڪرڻ واري فيصلي جو احترام ڪري ٿي۔
پوجا بٽ سواليا انداز ۾ چيو ته زندگي ۾ اهڙو پيءُ بهتر آهي جيڪو سڀني جي سامهون ان عورت جو هٿ جهلي جنهن سان هو محبت ڪري ٿو، يا اهڙو پيءُ بهتر آهي جنهن جي گهر کان ٻاهر 200 مختلف قسم جا ڳجها لاڳاپا هجن؟
هن انڪشاف ڪيو ته جيتوڻيڪ منهنجي والد سوني رازدان سان هڪ نئون خاندان شروع ڪيو، پر هن ڪڏهن به منهنجي ماءُ کان طلاق نه ورتي. والد 1986ع ۾ سوني رازدان سان شادي ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو ته جيئن کيس منهنجي ماءُ کي طلاق نه ڏيڻي پوي.
پوجا بٽ وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي والد بابت هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿي ته هڪ ڀيرو هو توهان جو هٿ جهلي وٺي ٿو ته پوءِ توهان جيڪو به هجو، هو توهان جو ساٿ نٿو ڇڏي۔