ڪراچي ۾ اڄ لڳ ڀڳ 39 ڪلو ميٽر ڊگھي شاھراھ ڀٽو جو باقاعدھ افتتاح بلاول ڀٽو ڪندو.
بلاول ڀٽو جي ترجمان مطابق پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلال جي افتتاح ڪرڻ بعد ان اھم شاھراھ کي عوام لاءِ کوليو ويندو.
ترجمان جو چوڻ آھي تہ شاھراھ ڀٽو تي 6 انٽر چينجز تعمير ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ ان جو آغاز قيوم آباد جي علائقي ۾ ٿئي ٿو.
چيئرمين پيپلز پارٽي جي ترجمان چيو آھي تہ 56 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ ھي منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪيو ويو آھي.
ٻئي طرف ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب چيو آھي تہ شھر ۾ ھيوي ٽريفڪ ۽ مجموعي ٽريفڪ جا مسئلا گھٽ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪم جاري آھي.