منشيات فروش ملزمہ انمول عرف پنڪي کي قتل ۽ منشيات بابت ڪيسن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو.
پوليس مطابق ملزمہ کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو جتي درخشان، گذري ۽ بغدادي ٿاڻن جا جاچ آفيسر بہ پيش ٿيا.
جاچ آفيسرن عدالت کي ٻڌايو تہ ملزمہ کان جاري جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آھي ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.
جاچ آفيسرن مطابق جاچ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي، جڏھن تہ ڪيس کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست بہ ڪئي وئي آھي.