ھڪ ھدايتڪار 50 ماڻھن جي آڏو مونکي دڙڪا ڏنا: اداڪارھ عصمت زيدي

فہرستِ مضامین

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارھ عصمت زيدي ڊرامہ انڊسٽري ۾ وڌندڙ غير پيشيواراڻي روش ۽ سينيئر فنڪارن سان ناروا سلوڪ تي کليل نموني ڳالھايو.

ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي عصمت زيدي چيو تہ ڊرامن جي سيٽس تي ڪم جو نظام تباھ ڪندڙ ٿي چڪو آھي، جتي ادارن کان 12 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ شفٽون ڪرايون وڃن ٿيون، جڏھن تہ سين ڪڏھن شوٽ ٿيندو ان باري ۾ وقت سر آگاھ بہ نٿو ڪيو وڃي.

ھن ٻڌايو تہ اڪثر مرڪزي اداڪار پنھنجي مرضي سان شوٽ رد ڪري ڇڏيندا آھن، پر ٻين فنڪارن کان انھن جي دستيابي يا مصروفيت بابت ڪا صلاح نہ ڪئي ويندي آھي.

اداڪارھ افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ سڀني کي نون اسٽارز جي مرضي مطابق ھلڻو پوندو آھي.

عصمت زيدي ھڪ واقعو بہ ٻڌايو تہ جڏھن مان سيٽ تي غير پيشيواراڻي رويي تي ڳالھايو تہ ھڪ ھدايتڪار 50 ماڻھن جي آڏو مون کي دڙڪا ڏنا مان روئي ڏنو ھو، پر اتي ڪنھن بہ منھنجي حق ۾ آواز نہ اٿاريو.

سينيئر اداڪارھ مطابق سڄي دنيا ۾ سينيئر اداڪارن کي عزت ڏني وڃي ٿي، پر ھتي اسان سان توھين جوڳو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو، جڏھن تہ تمام تڪليف باوجود پنھنجي پروفيشنل ذميواري نڀائي ۽ شوٽ مڪمل ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں