پنجاب جي ايم پي اي ۽ اداڪارھ مومنہ اقبال جو ڌمڪيون ڏيڻ وارو معاملو وڌي ويو.
اداڪارھ جي درخواست تي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ڌرين کي اڄ طلب ڪري ورتو.
ٻئي طرف ڄاڻايل ايم پي اي بہ پنھنجي سئوٽ جي فرياد ۾ پنھنجي اباڻي ضلعي ۾ نامعلوم ماڻھن خلاف ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.
اھو معاملو ڇا آھي؟
اداڪارھ مومنہ اقبال پنھنجي دروست ۾ الزام لاڳايو ھو تہ کيس بااثر سياسي شخصيت طرفان ڊگھي عرصي کان آن لائن ھراسان، سائبر بلنگ، ذھني دٻاءَ ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن.
اداڪارھ انسٽاگرام اسٽوري تي ھڪ تفصيلي بيان جاري ڪندي چيو ھو تہ ھن ان معاملي جي ڪيترائي ڀيرا اين سي سي آءِ اي، ايف آءِ اي ۽ پنجاب پوليس کي شڪايتون داخل ڪرايون پر مبينہ سياسي اثر رسوخ سبب ڪارروائي نہ ٿي سگھي.
مومنہ مطابق انصاف فراھم ڪرڻ بدران سندس حوصلا شڪني ڪئي وئي جڏھن تہ کيس ۽ سندس خاندان کي شديد خطرو آھي.
ھن پنھنجي پوسٽ ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سميت لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ھو تہ معاملي جي شفاف ۽ اڻڌري تحقيقات ڪئي وڃي ۽ سندس خاندان کي فوري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
اداڪارھ اعليٰ عملدارن، اھم سرڪاري آفيسن، نيوز چينلز ۽ مختلف ميڊيا پليٽ فارمز کي بہ پنھنجي پوسٽ ۾ ٽيگ ڪيو ھو.
اداڪارھ پنھنجي ھڪ ٻي اسٽوري ۾ اين سي سي آءِ طرفان ورتل ايڪشن تي مريم نواز جا ٿورا مڃيا ۽ ان سان گڏ اھو بہ چيو تہ منھنجي آفيشل بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ ڪنھن تي الزام لاڳو ۽ ڪنھن جو نالو نہ کنيو وڃي.
مومنہ اقبال چيو تہ کيس ٻين عورتن جا بہ ميسجز ملي رھيا آھن جن کي انھي ايم پي اي طرفان ھراسان ڪرڻ بابت ٻڌايو آھي.