صنم سعيد جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڊيبيو جا ڀارت ۾ بہ چرچا

فہرستِ مضامین

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ صنم سعيد جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڊيبيو جا ڀارت ۾ بہ چرچا ٿيڻ لڳا.

صنم سعيد ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فيشن ڊيزائنر حسين ريھر جو ڊيزائن ڪيل اڇي رنگ جو خوبصورت جوڙو پائي ڊيبيو ڪيو.

اداڪارھ جي جوڙي کي مور مان متاثر ٿي ڊيزائن ڪيو ويو آھي، مڪيش، زردوزي ۽ شيشي جي ڪم واري ان خوبصورت اڇي جوڙي کي تيار ڪرڻ لاءِ 50 ڪاريگرن کي 2 ھزار 300 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو.

صنم سعيد ان خوبصورت جوڙي سان سلور ۽ ڊائمنڊ جي جيڪا جيولري پاتي ان جو ڊيزائن بہ مور مان متاثر ھو.

اداڪارھ جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ان شاندار انٽري فورن ئي ڀارتي فيشن مبصرن ۽ اسٽائلسٽس جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.

ڀارتي اسٽائلسٽ نشا گوينڪا صنم سعيد جي خوبصورت جوڙي جي ساراھ ڪندي چيو آھي تہ گھڻو ڪري ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ يا تہ تمام زيادھ روايتي يا پوءِ حد کان وڌيڪ ٿيٽريڪل انداز ۾ نظر اچن ٿا پر ھن جوڙي جي ڊيزائن ۾ توازن آھي.

ھڪ ٻئي ڀارتي فيشن مبصر صوفي موتي والا پاڪستاني اداڪارھ جي جوڙي جي ساراھ ڪندي ان جي ڪانز ڊيبيو کي 10 مان 10 نمبر ڏئي ڇڏيا.

جيئن ئي صنم صعيد جي ڪانز ڊيبيو جون تصويرون ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون تہ ڀارتي سوشل ميڊيا صارفين پاڪستاني اداڪارھ جي ساراھ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي جڏھن تہ ڪانز ۾ شرڪت ڪندڙ مشھور ڀارتي شخصيتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جن ۾ عاليھ بٽ، ھما قريشي، اروشي روٽيلا ۽ ايشا امباني شامل آھن.

صرف ايترو ئي نہ پر ڀارتي ميڊيا تي بہ صنم سعيد جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڊيبيو جا چرچا ٿي رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں