1990ع جي ڏھاڪي جي زرد صحافت زندگي متاثر ڪئي: روينہ ٽنڊن

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ اداڪارھ روينہ ٽنڊن 90ع جي ڏھاڪي ۾ شوبز شخصيتن جي خلاف ٿيندڙ زرد صحافت تي ڳالھائيندي چيو تہ اُن دور ۾ ڪوڙين ۽ منفي خبرن جو ازالو ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ھو ۽ ھڪ ڀيرو نقصان ٿي وڃي تہ ان کي واپس وٺي نہ پيو سگھجي.

53 سالن جي اداڪارھ ھڪ انٽرويو ۾ ماضي کي ياد ڪندي چيو تہ اُن وقت سوشل ميڊيا موجود نہ ھو، ان لاءِ فنڪارن وٽ پنھنجي ڳالھ سڌي ريت عوام تائين پھچائڻ جو ڪو موثر ذريعو نہ ھوندو ھو.

روينہ ٽنڊن چيو تہ ان وقت زرد صحافت تي ڪو ڪنٽرول نہ ھو، جيڪڏھن ڪنھن اخبار يا ميگزين ۾ ڪا منفي خبر شائع ٿي وڃي تہ فنڪار صرف خاموشي سان برداشت ڪرڻ تي مجبور ھوندا ھئا.

ھن چيو تہ اڄوڪي دور ۾ انسٽاگرام يا سوشل ميڊيا جي ذريعي فنڪار فوري طور تي وضاحت ڏئي سگھن ٿا، پر 90ع جي ڏھاڪي ۾ ائين ممڪن نہ ھو.

اداڪارھ مطابق اُن وقت ايڊيٽرز تائين رسائي بہ تمام اھم سمجھي ويندي ھئي ڇو تہ اھي ئي طئي ڪندا ھئا تہ ڪھڙي خبر کي ڪھڙي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي.

روينہ ٽنڊن چيو تہ جيڪڏھن اوھان ھڪ خانگي شخصيت ھئا تہ اوھان کي اسڪون سان جيئڻ جي اجازت ئي نہ ڏني ويندي ھئي.

ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ اڪثر منفي سرخيون شائع ٿيڻ بعد ننڍڙو معذرتي نوٽ ڏنو ويندو ھو، پر تيستائين نقصان ٿي چڪو ھوندو ھو.

اداڪارھ چيو تہ اصل نقصان تہ وڏيون ھيڊ لائن ڪنديون ھيون، بعد جي معذرت بي معنيٰ محسوس ٿيندي ھئي.

واضح رھي تہ روينہ ٽنڊن جلد اڪشي ڪمار سان فلم ويلڪم ٽو دي جنگل ۾ نظر ايندي، جيڪا 26 جون 2026ع تي رليز ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں