ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ مطابق گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي جي لاءِ ڪوڪين سپلاءِ ڪندا ھئا.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تہ جوابدار ڪراچي جي پوش علائقن ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سميت ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي منشيات فراھم ڪندا ھئا.
تحقيقاتي رپورٽ مطابق ٻئي جوابدارن کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏھن ھو ڪوڪين سپلاءِ ڪرڻ وڃي رھيا ھئا. پوليس جوابدارن جي قبضي مان 45 گرام ڪوڪين ھٿ ڪئي ھئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ جوابدار فرحان ان کان اڳ بہ ڊفينس ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن ۾ منشيات بابت ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آھي، جڏھن تہ جوابدار رحمان جو نالو مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي انٽروگيشن رپورٽ ۾ بہ آيو ھو.
پوليس مطابق جوابدار مبينہ طور تي پرڏيھين کان منشيات حاصل ڪري ڪراچي جي پوش علائقن ۾ سپلاءِ ڪندا ھئا.
ايس آءِ يو پوليس ٻنھي جوابدارن کي 6 مارچ 2025 تي ڊفينس جي علائقي مان گرفتار ڪيو ھو، جڏھن تہ سندن خلاف ايس آءِ يو صدر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آھي.
رپورٽ مطابق ڪيس کي ھڪ سال گذرڻ باوجود اڃا تائين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نہ ٿي سگھيو، جوابدار فرحان 5 جون 2025 جڏھن تہ جوابدار عبدالغني 17 جولاءِ 2025ع تي ضمانت حاصل ڪري چڪو آھي.