سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري مھم تحت لڳايل لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ مارڪيٽون، دڪان، شاپنگ سينٽرز، ھوٽل، ريسٽورنٽس تي وقت بابت لاڳو پابندي ختم ٿي وئي.
سنڌ حڪومت جي ڪفايت شعاري پاليسي تحت گذريل مھيني جاري نوٽيفڪيشن ختم ٿي ويو.
نئين نوٽيفڪيشن مطابق تمام دڪان، مارڪيٽ، شاپنگ مالز معمول مطابق ڪم ڪندا.
ان کان اڳ سڄي پنجاب ۾ پھرين جون تائين ڪاروباري وقتن جي رات 8 وڳي تائين پابندي ختم ڪئي وئي ھئي.