برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سان شھري جي مارجڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي ھڪ ڪروڙ 35 لک ھرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

سينئر سول جج سٽي ڪورٽ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سان شھري جي مارجڻ بابت درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ھڪ ڪروڙ 35 لک رپيا ھرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو تہ شھري شيخ سعد 2019ع ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سان مارجي ويو، علائقي واسين طرفان پول ۾ ڪرنٽ جي شڪايت باوجود ڪارروائي نہ ڪئي وئي، ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي نظام ۽ تنصيبات جي مناسب سار سنڀال ۾ ناڪام رھيو.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تہ لاڳاپيل پول ڪي اليڪٽرڪ جي ملڪيت ناھي، ڪرنٽ خانگي جنريٽر جي تارن مان آيو، ڪي اليڪٽرڪ جي تنصيبات مڪمل طور تي محفوظ آھن، فوتي شھري خطرناڪ ھنڌ جي ويجھو وڃي پنھنجي جان خطري ۾ وڌي.

عدالت چيو تہ بجلي بابت اداري تي عوام جي تحفظ جي غير معمولي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي،  پول تي ٻين ادارن جي تار جي موجودگي سان ڪي اليڪٽرڪ پنھنجي ذميواري کان آزاد نٿي ٿي سگھي، بجلي جي سپلاءِ جو نظآم ۽ عوامي ھنڌن کي محفوط بڻائڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آھي.

عدالت چيو تہ عوامي ھنڌن تي نصب پول ۾ ڪرنٽ ھئڻ پاڻمرادو غفلت جو ثبوت آھي، فوتي جي ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش کي مڪمل غفلت قرار نٿو ڏئي سگھجي، انساني جان بچائڻ جي ڪوشش کي قانون نرم نظر سان ڏسي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ 90 ڏينھن ۾ دعويٰ ڪندڙ کي ھرجاڻي جي ادائيگي ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں