اسان جي دين ۾ آھي تہ جڏھن پٽن جون شاديون ٿي وڃن تہ انھن کي الڳ رھڻ ڏنو وڃي: مريم نفيس

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارھ مريم نفيس جو چوڻ آھي تہ اھو اسان جي دين ۾ آھي تہ جڏھن پٽن جون شاديون ٿي وڃن تہ انھن کي الڳ رھڻ ڏنو وڃي.

مريم نفيس تازو ئي خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي ھن شادي بعد پٽن جي مائرن جي روين جي حوالي سان اھم ڳالھيون ڪيون.

اداڪارھ ڳالھين ۾ حصو وٺندي چيو تہ اسان جي دين ۾ آھي تہ جڏھن ٻارن جون شاديون ٿي وڃن تہ انھن کي الڳ رھڻ ڏنو وڃي ڇو تہ ھر فيملي کي پرائيويسي ۽ پنھنجي جڳھ جي ضرورت ھوندي آھي.

مريم ڳالھ جاري رڪندي چيو منھنجو پٽ عيسيٰ اڃا ٻن سالن جو بہ ناھي، پر مون سوچي ڇڏيو آھي تہ جڏھن ھو وڏو ٿيندو ۽ شادي ٿيندي تڏھن ان کي الڳ ڪنداسين، اسان ان تي ڪنھن قسم جو بار نہ وجھنداسين، اسان کي سنڀالڻ ان جي زال جو ڪم ناھي.

اداڪارھ مطابق جيڪڏھن ايترا وسيلا ناھن تہ ماءُ پيءُ پٽ کي الڳ گھر وٺي ڏئي سگھن يا پٽ پاڻ وٺي تہ ساھرن کي گھرجي تہ نئين آيل ڇوڪريءَ کي سندس ڪمري ۽ ڪچن جي لاءِ اسپيس ڏين، ڇو تہ اھو دماغي طور تي ڪرڻو ھوندو آھي.

مريم چيو جڏھن آنٽيون (سسيون) اھو سوچي وٺنديون آھن تہ اسان جيڪو ڪري رھيون آھيون اھو ئي صحيح آھي ۽ نئين ايندڙ گھر ۾ ڪا تبديلي نٿي ڪري سگھي تہ اتان خرابيون پيدا ٿين ٿيون، ٿي سگھي ٿو اھا ڇوڪري ڪجھ بھتر ئي ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں