حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي مبينا لتاڙ، سفارش ۽ من پسند اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف حيدرآباد ۾ اميدوارن، شاگردن، سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن پاران هزارين ماڻهن تي ٻڌل وڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي۔ احتجاج ڪندڙ هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ جهنڊا کڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا۔
ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي احتجاجي جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو۔ جلسي کي خطاب ڪندي ناليواري اديب جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي نوجوانن سان مسلسل ناانصافي ڪئي پئي وڃي ۽ ميرٽ جي قتل سبب پڙهيل لکيل نوجوان سخت مايوسي جو شڪار بڻجي رهيا آهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن سرڪاري ادارا سفارش ۽ ڪرپشن جي بنياد تي هلندا رهيا ته پوءِ نوجوانن جو رياستي ادارن تان اعتماد مڪمل طور ختم ٿي ويندو۔
ايس يو پي اڳواڻروشن ٻرڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو تهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي لڳندڙ الزام انتهائي سنگين آهن ۽ حڪومت کي گهرجي ته ڪميشن جي سموري ڀرتي عمل جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي۔ هن چيو ته جيڪي نوجوان ميرٽ جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي حملو آهي۔
مظاهرين پاران تازو ميرٽ لاءِ آواز اٿارڻ تي امتياز چانڊيو ۽ فياض شر خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيسن جي به سخت مذمت ڪئي وئي۔ اڳواڻن چيو ته احتجاج ۽ حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ هر شهري جو آئيني حق آهي، پر افسوس سان انهن نوجوانن کي دهشتگرد ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪي صرف شفاف ڀرتين ۽ ميرٽ جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سمورن تڪراري نتيجن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، شفاف ميرٽ بحال ڪئي وڃي ۽ سياسي سفارش جي بنياد تي ٿيندڙ ڀرتيون فوري طور روڪيون وڃن۔ مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.