ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي بنيادي انفرااسٽرڪچر جي بھتري لاءِ 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽس تي اجلاس ٿيو جنھن دوران ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني، روڊن جي بحالي ۽ ٽرانسپورٽ نظام سميت 10 ميگا پروجيڪٽس جو جائزو ورتو ويو.
وزيراعليٰ ھائوس جي ترجمان مطابق مراد علي شاھ ڪراچي جي بنيادي انفرااسٽرڪچر جي بھتري لاءِ 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي فنڊن جي منظوري ڏني ۽ ڪراچي جا ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب عظيم پورھ کان لانڍي مرتضيٰ چورنگي تائين متبادل ڪوريڊور منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ اھو ڪوريڊور منصوبو 58 ڪروڙ 20 لک رپين جي لاڳت جو آھي ۽ منصوبي سان ٽريفڪ شاھراھ ڀٽو منتقل ٿيڻ تي رھائشي علائقن جو دٻاءُ گھٽ ٿيندو جنھن تي وڏي وزير بلديات واري وزير کي ھدايت ڪئي تہ منصوبو منظوري لاءِ فوري پيش ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو تہ ڪراچي جي وڌندڙ آبادي ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي مضبوط منصوبابندي ۽ ترقياتي منصوبن تي فوري ڪم ڪريو.