بالي ووڊ جي ايراني اداڪارھ مندانا ڪريمي جو 16 سالن کانپوءِ ڀارت ڇڏڻ جو اعلان، سبب بہ ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڀارتي رئيليٽي شو بگ بس سيزن 9 مان شھرت حاصل ڪندڙ ايراني اداڪارھ مندانا ڪريمي 16 سالن کان پوءِ ڀارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ھندستان ٽائمز جي رپورٽ مطابق بالي ووڊ اداڪارھ 18 سالن جي عمر ۾ ايران ڇڏيو ھو ۽ ھوءَ اداڪاري لاءِ ھندستان اچي وئي ھئي پر ھاڻ آمريڪا ايران جي تازي تڪرار ۽ سپريم ليڊر آيت اللھ خامنہ اي جي شھادت بعد اداڪارھ ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

انسٽاگرام اسٽوري تي تازي سوال ۽ جواب جي سيشن دوران ھڪ مداح اداڪارھ کان ممبئي ڇڏي وڃڻ جو سوال ڪيو جنھن تي مندانا جواب ڏنو مان ڪڏھن سوچي بہ نٿي سگھيس تہ مان ڀارت کي ائين الوداع چوندس.

اداڪارھ ڳالھ جاري رکندي چيو اھو يقينن مشڪل ھوندو پر ھندستان ۾ لڳ ڀڳ 16 سال گذرڻ بعد، آخرڪار مان پنھنجو ٻيو گھر (ڀارت) ڇڏي وڃي رھيا آھيان، ھاڻ سڀ ڪجھ نئون ٿيندو، ھيءَ ھڪ نئين شروعات آھي.

مندانا ڪريمي اھو واضح نہ ڪيو تہ ھوءَ ڀارت ڇڏي ڪيڏانھن وڃي رھي آھي.

ايران ۾ اداڪارھ تي پابندي:

ھندستان ٽائمز مطابق مارچ ۾ مندانا ڪريمي ھڪ بيان ڏنو ھو جنھن ۾ ھن ٻڌايو تہ 10 سال اڳ ھن تي ايران ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي، ھوءَ واپس اتي نٿي وڃي سگھي، ھوءَ ڀارت مان مايوس آھي.

مندانا مطابق مونکي ھندستان ۾ ڪنھن قسم جي سپورٽ نہ ملي ۽ اوچتو جڏھن آيت اللھ خامنہ اي جي وفات ٿي وئي، ھندستان ۾ سڀني جي راءِ آھي، ھر ڪو روڊن تي آھي ۽ اھي حقيقت ۾ خامنہ اي جي لاءِ ماتم ڪري سگھن ٿا جيڪو مان نٿي ڪري سگھان.

اداڪارھ چيو سيڪيورٽي سببن جي ڪري مان ھڪ ھنڌ ڦاسي رھجي وئي آھيان ۽ منھنجو ويجھن دوستن مان ڪنھن وٽ منھنجو پتو ناھي ۽ پوءِ بہ مان ميڊيا سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھيان تہ جيئن ايرانين جي آواز کي بلند ڪري سگھان.

مندانا ڪريمي وڌيڪ چيو مان گذريل 6 سالن کان فلمن ۾ اداڪاري نہ ڪري رھي آھيان، اھو منھنجو فيصلو ھو تہ مان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيان، مان سمجھان ٿي تہ منھنجي ملڪ (ايران) ۾ ڇا ٿي رھيو آھي، منھنجي پيدائش ۽ پرورش اتي ٿي، مان 18 سالن تائين ايران ۾ رھيس.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں