ڪراچي ۾ منشيات جي مبينہ ڊيلر انمول عرف پنڪي پنھنجو نيٽ ورڪ ڪيئن قائم ڪيو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ ڪوڪين ۽ ٻي منشيات جي مبينہ ڊيلر انمول عرف پنڪي ڪراچي ۾ پنھنجو نيٽ ورڪ ڪيئن قائم ڪيو؟ ھوءَ اھو گندو ڌنڌو ڪڏھن کان ڪري رھي آھي؟ ان حوالي سان اھم تفصيل سامھون اچي ويا.

منشيات جي مبينہ ڊيلر انمول ڪراچي جي علائقي نگارھ ڳوٺ بلوچ پاڙي جي رھواسڻ ھئي، سال 2008 ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ٿيندڙ ڊانس پارٽيز ۾ منشيات جي سپلاءِ جو آغاز ڪيو، ملزمہ ان فيلڊ ۾ پنھنجو نالو پنڪي رکيو ۽ پوءِ آھستي آھستي پنھنجو ڪم ڦھلايو.

ڪراچي ۾ گذريل سال ارمغان ڪيس سامھون اچڻ کان پوءِ ملزمہ لاھور۽ اسلام آباد ۾ روپوش رھي ۽ اتان منشيات جو نيٽ ورڪ ھلائيندي رھي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تہ ملزمہ انمول عرف پنڪي جا 800 کان وڌيڪ ڪسٽمرز ھئا جن کي ھوءَ پنھنجي نيٽ ورڪ ذريعي منشيات سپلاءِ ڪندي ھئي. ملزمہ جا ٻہ سڳا ڀائر بہ منشيات اسمگلنگ ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آھن.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو چوڻ آھي تہ ملزمہ جي گروپ ۾ ٻيون عورتون ۽ مرد بہ شامل آھن، جيڪي ڪوڪين اسمگل ڪري مختلف شھرن، ڪراچي جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ آن لائن وڪرو بہ ڪندا ھئا.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملزمہ لاھور ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار بہ ڪندي آھي.

ياد رھي تہ ڪراچي ۾ گارڊن پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪيو ھو.

ملزمہ کي عدالت ۾ بنا ھٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو ويو، پوليس اھلڪار رستو ڏيکاريندو رھيو، ملزمہ انمول عرف پنڪي وي آءِ پي پروٽوڪول جا مزا وٺندي رھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں