پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ رمشہ خان ۽ اداڪار خوش حال خان جي شادي جو اوچتو اعلان ٿيڻ کانپوءِ ھاڻ اداڪارھ مومنہ اقبال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اھي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون آھن تہ ھوءَ جلد شادي ڪرڻ واري آھي.
سوشل ميڊيا جي مختلف چيجز تي اھا دعويٰ ڪئي پئي وڃي تہ مومنہ اقبال جلد ئي شادي ڪرڻ واري آھي، ويجھن عزيزن کي ان شادي جي دعوت بہ ملڻ شروع ٿي وئي آھي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن ۾ گھوٽ جي حوالي سان اڃا تائين وڌيڪ تفصيل نہ ٻڌايا ويا آھن، جڏھن تہ ڳالھ سامھون اچي وئي آھي تہ ادڪارھ جي گھوٽ جو تعلق شوبز انڊسٽري سان ناھي.
اھو بہ چيو پيو وڃي تہ جيئن ئي مومنہ اقبال جي شادي ٿي ويندي تہ ھوءَ پنھنجي شادي جون تصويرون پاڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي تڏھن سڀئي ڄاڻي سگھندا تہ اداڪارھ جو گھوٽ ڪير آھي.
اداڪارھ مومنہ اقبال جي مداحن ھينئر کان ئي کيس شادي جون مبارڪون ڏيڻ ۽ سندس زندگي جي نئين سفر جي لاءِ پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.