ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر بلاڪ 8 مان عيد تي وڪرو ڪرڻ لاءِ آندل 25 ٻڪرا ڇوڪري ڪيا ويا.
عيدالاضحيٰ جي ويجھو ايندي ئي ڪراچي ۾ قرباني لاءِ آندل مال جي چوري جا واقعا ٿيڻ شروع ٿي ويا.
پوليس ٻين واقعن وانگر ھن واقعي کي بہ روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.
رپورٽ مطابق ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر بلاڪ 8 ۾ نامعلوم چور 25 ٻڪرا چوري ڪري کڻي ويا.
واقعو جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات پيش آيو، پلاٽ تي ٻڌل ٻڪرن کي موٽر سائيڪل ۽ ڪار تي سوار جوابدارن سوزوڪي ۾ کڻي فرار ٿي ويا.
واقعي جي رپورٽ ملير ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي. چوري ڪيل ٻڪرن جي مالڪ محمد اسامہ خان مطابق ٻڪرن جي ماليت 19 لک رپين کان وڌيڪ آھي، ٻڪرا قرباني واري عيد تي وڪرو ڪرڻ لاءِ آندا ھئا.
پوليس عملدارن مطابق سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ويڊيوز جي مدد سان جوابدارن جي تلاش ڪري رھيا آھيون.