پاڪستان جي اداڪارھ سجل علي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي دلڪش انداز ۽ حسين برائيڊل لڪ سبب سوشل ميڊيا تي ڇائنجي وئي آھي.
اداڪارھ جي تازي فوٽو شوٽ مداحن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو، جڏھن تھ شوبز شخصيتن بھ سندس خوبصورتي جي تعريف ڪئي.
پاڪستان شوباز جي سجل علي تازو ئي ھڪ برائيڊل فيشن ڪيمپين لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايو جنھن ۾ ھن مشھور ڊيزائنر جو خوبصورت لباس پاتو.
تصوير ۾ سجل علي روايتي ڪنوار جي روپ ۾ نھايت دلڪش ۽ پرڪشش نظر آئي، سندس ميڪ اپ، جيولري ۽ انداز مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصوير کي ڏسي مداحن اداڪارھ کي پرين جھڙي خوبصورت قرار ڏنو.
مايا علي سجل علي جي تصوير تي تبصرو ڪندي کيس گوجيئس چيو جڏھن تھ عظميٰ بيڪ بھ سندس خوبصورتي جي تعريف ڪئي.
ھڪ مداح لکيو آھي تھ برائيڊل ڪيمپين سجل علي جھڙي ڪو بھ نٿو ڪري.
واضح رھي تھ سجل علي پنھنجي جاندار اداڪاري سان گڏوگڏ منفرد فيشن سينس ۽ مشرقي ۽ مغربي ٻنھي انداز کي خوبصورتي سان اپنائڻ سبب بھ شھرت رکي ٿي.