پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارھ دنانير مبين چيو آھي تھ ھوءَ پنھنجي ڪيريئر تي ڪڏھن سمجھوتو نھ ڪندي.
ھڪ انٽرويو ۾ اداڪارھ چيو تھ محبت جي لاءِ ڪڏھن بھ پنھنجي ھدف ۽ ڪيريئر تي سمجھوتو نھ ڪنديس.
ھن چيو تھ ڪنھن شخص کي حاصل ڪرڻ لاءِ چري نھ ٿينديس، پنھنجو ڪم ڪي رھي آھيان، پنھنجي زندگي سٺي گذاري رھي آھيان ۽ منھنجو سڄو ڌيان پنھنجي ڪم تي آھي.
اداڪارھ جو چوڻ ھو تھ منھنجي زندگي ۾ تمام ضروري ڪم ٿي رھيا آھن، محبت بھ ھڪ ضروري شيءِ آھي پر مان ڪڏھن بھ محبت تي زور نھ ڏينديس.