پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ اشنا شاھ مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندي پنھنجي گھر جلد ننڍڙو مھمان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اشنا شاھ پنھنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مڙس سان گڏ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو تھ اسان پنھنجي پھرين ٻار جي آمد جا منتظر آھيون، اداڪارھ پوسٽ جي ڪيشن ۾ لکيو تھ سو مچ فار ايبس دس سمر ۽ ان گڏ AminPartyOfThree# جو ھيش ٽيڪ بھ استعمال ڪيو، ان کان سواءِ ھن مرد، عورت ۽ ٻار جي ايموجيز بھ شامل ڪيون.
اداڪارھ جي ان خوشخبري تي شوبز شخصيتن ۽ مداحن ڀرپور محبت جو اظھار ڪيو آھي، درفشان سليم مبارڪباد ڏيندي لکيو آھي تھ اوھان جي لاءِ تمام خوشي ٿي رھي آھي، جڏھن تھ منال خان چيو آھي تھ اھو تمام خوبصورت آھي، مبارڪ ھجي. ان کان سواءِ ڪبريٰ خان، ڪنزا ھاشمي، سجل علي ۽ ندا ياسر سميت ڪيترن ئي فنڪارن جوڙي کي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون.
واضح رھي تھ اشنا شاھ ۽ حمزھ امين فيبروري 2023ع ۾ ڪراچي ۾ شادي ڪئي ھئي، ٻنھي جي شادي جون تصويرون ۽ تقريبون بھ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ھيون.