مونکي پٽ ٽيون ڀيرو شادي ڪرڻ جي صلاح ڏني: عتيقھ اوڍو

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارھ عتيقھ اوڍو انڪشاف ڪيو آھي تھ مونکي ٽيون ڀيرو شادي ڪرڻ لاءِ منھنجي پٽ چيو جڏھن تھ منھنجي والدھ ان جي بلڪل خلاف ھئي.

عتيقھ اوڍو تازو ئي خانگي ٽي وي جي ڊرامي “ڪفيل” بابت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي ٻڌايو تھ ان ڊرامي جي ڪردار ۾ مون کي پنھنجي پٽ جي جھلڪ نظر اچي ٿي.

ھن ٻڌايو تھ مان ان ڊرامي جي ڪردار “سبڪ” جي باري ۾ اھو چوندس تھ مون اھو تجربو پنھنجي زندگي ۾ پاڻ ڪيو آھي ڇو تھ جڏھن منھنجي ٻي شادي ناڪم ٿي چڪي ھئي ۽ ان وقت تائين مان ثمر علي خان سان ٽئين شادي نھ ڪئي ھئي تھ منھنجو پٽ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيو تھ مون کي ثمر علي خان سان شادي ڪرڻ گھرجي.

اداڪارھ چيو تھ منھنجي والدھ ٽئين شادي جي بلڪل خلاف ھئي، ھوءَ ان کي معاشري جي نظر ۾ ھڪ ناقابل قبول عمل جي حيثيت سان ڏسي رھي ھئي پر منھنجي پٽ بلال چيو تھ امان ھاڻ اوھان کي شادي ڪري وٺڻ گھرجي، اوھان ڪيترن سالن کان اڪيلي رھي رھيون آھيو، ھاڻ وقت اچي ويو  آھي تھ اوھان ثمر علي خان کي قبول ڪري وٺو ڇو تھ اھو ماڻھو اوھان سان پيار ڪري ٿو ۽ اوھان جو خيال رکي ٿو.

ھن چيو تھ مان پٽ جي صلاح تي عمل ڪندي ھٻڪي رھي ھئس ڇو تھ منھنجون ڌيئرون بھ ان فيصلي جي خلاف ھيون پر منھنجي پٽ بلال چيو تھ اوھان انھن جي فڪر نھ ڪريو، بس شادي ڪريو، انھن کي مان سنڀالي وٺندس.

واضح رھي تھ عتيقھ اوڍو جي پھرين شادي 15 سال جي عمر ۾ ٿي جيڪا 10 سال ھلي سگھي ان کان پوءِ ھن پنھنجي مرضي سان ٻي شادي ڪئي ھئي پر اھا بھ ڪامياب نھ ٿي سگھي.

اداڪارھ پنھنجي مسلسل ٻن شادين جي ناڪامي بعد جون 2012ع ۾ ثمر علي خان سان شادي ڪئي ھئي.

ڊاڪٽر ثمر علي خان 2013ع کان 2018ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رھي چڪو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں