“زيد جکراڻي سانحو : منشيات بابت سردار خان چانڊيو جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف؟”

فہرستِ مضامین

رپورٽ : شڪيل سومرو

سنڌ ۾ منشيات جو زهر نئون ناهي، پر جڏهن اقتدار سان لاڳاپيل گهر مان هڪ نوجوان زندگي وڃائي ويهي ٿو، تڏهن ئي حڪومت جا ڪن کڙا ٿين ٿا، اعجاز جکراڻي جي نوجوان پٽ زيد جکراڻي جي مبينا طور منشيات سبب موت هن بحران کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. سوال رڳو هڪ واقعي جو ناهي پر انهن سوين، هزارين زندگين جو آهي، جيڪي سالن کان هن زهر جي ور چڙهي خاموشي سان ختم ٿي رهيون آهن.

۽ هاڻي، هن ئي پسمنظر ۾، هڪ وڌيڪ سنسني خيز حقيقت سامهون آئي آهي. اهڙي حقيقت جيڪا هن بحران کي صرف استعمال تائين نه، پر پيداوار تائين کڻي وڃي ٿي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ڌماڪيدار انڪشاف: “هاڻي منشيات رڳو ٻاهران نه، سنڌ اندر به پوکي پئي وڃي”. سنڌ جي سياسي ايوان ۾ تڏهن سنسني پکڙجي وئي ھئي جڏهن ڪجھھ عرصو اڳ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي ايم پي اي  سردار خان چانڊيو سنڌ اسيمبلي جي فلور تي تقرير ڪندي هڪ سنگين انڪشاف ڪيو هو.

هن چيو هو ته منشيات جو مسئلو هاڻي صرف سرحد پار کان ايندڙ اسمگلنگ تائين محدود ناهي رهيو، پر سنڌ جي اندر ئي آفيم جهڙا خطرناڪ فصل پوکيا پيا وڃن.

سردار خان چانڊيو دادو ضلعي ۾ آفيم جي وڏي پوکي جي دعويٰ ڪندي سنڌ اسيمبلي جي فلور تان وڏي واڪي انڪشاف ڪندي چيو هو ته سندس ضلعي دادو ۾ گذريل 10 سالن کان تقريباً 700 کان 800 ايڪڙ زمين تي آفيم جو فصل پوکيو پيو وڃي.

سردار خان وڌيڪ  چيو:

“مان هر سال وزيراعليٰ سنڌ، گهرو وزير، ان وقت جي نارڪوٽيڪس وزير ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس فورس وارن کي نشاندهي ڪندو آهيان ته هي ڪم ٿي رهيو آهي، ايڪشن وٺو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو 15 منٽن، هڪ ڪلاڪ جو آپريشن ڪري سوشل ميڊيا تي ڏيکاءَ لاءِ وڊيو رکرائي ٿا ڇڏين.”

سوال اٿي ٿو ته جيڪڏهن هر سال نشاندهي ٿي رهي آهي، ته پوءِ ڪارروائي رڳو ڏيکاءَ تائين ڇو محدود آهي؟

هن وڌيڪ چيو تھ “انهي شيءِ کي پاڙئون ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قانوني قدم کڻڻا پوندا۔ اسان جي قانون کاتي جي پراسيڪيوشن واري شعبي ۾ گهڻيون ڪمزوريون آهن، اهي ڪيس اهڙو ٿا ٺاهن جو جوابدار جي ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي وڃي ٿي.”

هتي وري به سوال اٿي ٿو ته جڏهن ڪيس ئي ڪمزور تيار ٿين ٿا، ته پوءِ انصاف ڪيئن ممڪن ٿيندو؟

سردار خان چانڊيو الزام لڳائيندي چيو تھ “اسان جا آفيسر پوليس جي موبائلن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪن ٿا، پوليس فورس جي نگراني ۾ اهو ڪم هلي ٿو، ڇو جو انهن کي چولو ٻيو ڏيکاريو وڃي ٿو، ان لاءِ اسان ايڪشن کڻڻ کان لنوايون ٿا. ڀلي ڪهڙي به Law and force agency هجي، اها انهي ڏوهه ۾ ملوث آهي. اهي ملوث نه هجن ها ته اڄ اوپن اسان جي ڳوٺن ۾، گهرن ۾، ٻنين ۾ نه ٿين ها. اهي ڪرڻ وارا به اسين آهيون، انهي شيءِ جي باري ۾ اسان کي اک پٽڻي پوندي جي اسان کي هن سنڌ جي باري ۾ سوچڻو آهي.”

سوال اٿي ٿو ته جيڪڏهن قانون جي پاسداري  ڪندڙ ادارا پاڻ ئي شڪي بڻجي وڃن، ته پوءِ قانون تي عمل ڪرائڻ ڪير ڪندو؟

هن وڌيڪ چيو تھ “ڪهڙو اسڪول آهي، ڪهڙو ڳوٺ آهي، اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ڊپارٽمينٽ جي ونگ ستل آهي، اٿي به ٿي ته رڳو سوشل ميڊيا تي ڏيکارڻ لاءِ، نه ته هو پورو وقت ستل آهي.”

 وري ساڳيوسوالاٿي ٿو : جڏهن ادارا ئي “ستل” هجن، ته پوءِ نوجوانن کي جاڳائڻ جي ذميواري ڪير کڻندو؟

سردار خان چانڊيو چيو تھ “جي پوليس ٿي ايڪشن کڻي ته اينٽي نارڪوٽيڪس وارا چون ٿا ته اوهان اسان جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪيو.”

سردار خان جي انهي نشاندهي تي به سوال اٿي ٿو ته ادارن جي وچ ۾ هي تڪرار آخر ڪنهن جي مفاد ۾ آهي—۽ نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي؟

هن زور ڏيندي چيو تھ“اسان چئون ٿا بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان منشيات اسمگل ٿي اچي، نه اسان پاڻ پيا هتي پوکيون، اها پوک بند ڪرايو، ان تي ايڪشن کڻايو.”

آخر ۾ هن اپيل ڪندي چيو تھ “سڀ وچن ڪيو ته ڪنهن تي ايڪشن ٿئي ٿو ته ان جي لاءِ فون نه ڪندئو، قسم کڻو، تڏهن اهو معاملو وڃي حل ٿيندو. باقي ڳالهين  سان اهو مسئلو حل ڪو نه ٿيندو. گهڻيون ڳالهيون اهڙيون آهن جو اسان ڳالهيون ڪري وري سمهي رهندا آهيون، ننڊ پئجي ويندا آھيون. جي ننڊ پئجي ويا سون ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جو مستقبل به ائين ننڊ پئجي وڃي.”

سردار خان چانڊيو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت خاموش رهي ته:“سنڌ تباهي طرف وڃي سگهي ٿي.

سوال هاڻي اهو ناهي ته منشيات ڪٿان اچي ٿي، سوال اهو آهي ته “جيڪڏهن منشيات هاڻي سنڌ اندر ئي پيدا ٿي رهي آهي، ته پوءِ ان جنگ جو مورچو ڪٿي آهي؟”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں