ڊپٽي ڪمشنر بونير جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ نائب قاصد جي پٽ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
خيبر پختونواھ جي ضلعي بونير جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪم ڪندڙ نائب قاصد جي پٽ سي ايس ايس 2025 جي مشڪل ترين امتحان ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪندي خيبر پختونخواھ ۾ پھرين جڏھن تھ سڄي ملڪ ۾ 18ھين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
حضرت بلال جو والد پير محمد جو چوڻ آھي تھ ھو ڊپٽي ڪمشنر آفيسر بونير ۾ نائب قاصد طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ھن ٻڌايو تھ پٽ محدود وسيلن جي باوجود سخت محنت، عزم ۽ مستقل مزاجي سان اھو مقام حاصل ڪيو.
ھن چيو تھ تعليم تي ڌيان ۽ مسلسل محنت ئي ڪاميابي جي ڪنجي آھي، پير محمد چيو تھ حضرت بلال جي ڪاميابي غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن لاءِ ھڪ روشن مثال آھي. ھن پٽ جي ڪاميابي تي رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيو.
حضرت بلال جي اھا شاندار ڪاميابي نھ صرف سندس خاندان پر پوري علائقي لاءِ فخر جو سبب بڻجي وئي آھي.
حضرت بلال اسلاميھ ڪاليج يونيورسٽي پشاور مان بي ايس انگلشن جي ڊگري حاصل ڪئي ھئي، حضرت بلال جي ڪاميابي تي علائقي واسي ۽ مختلف سماجي حلقن طرفان مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي.