ڀارتي اداڪارھ ريم شيخ شادي جي حوالي سان پنھنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي خصوصي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آھي.
ريم شيخ تازو ئي ھڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مھمان طور شرڪت ڪئي جتي ھن مختلف موضوعن تي ڳالھيون ڪيون.
پوڊ ڪاسٽ جي ميزبان ھن کان سوال ڪيو تھ جيڪڏھن اوھان کي ڪنھن ٻئي مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻھوءَ سان محبت ٿي وئي تھ معاملو پيچيدھ ٿي ويندو؟
اداڪارھ ان سوال جو جواب ڏيندي چيو تھ مان ائين ڪري ئي نھ سگھندس ڇو تھ مان تمام مذھبي آھيان.
دلچسپ ڳالھھ اھا آھي تھ اداڪارھ جو ھڪ اھڙي خاندان سان تعلق آھي جتي سندس والدھ ھندو ۽ والد مسلمان آھي.
ريم شيخ ننڍي عمر کان ئي ٻن مختلف مذھبن کي تمام ويجھو کان ڏٺو ۽ سمجھيو، سندس شادي جي حوالي سان واضح موقف سندس زندگي جي انفرادي سفر جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ھاڻ ھوءَ پاڻ اسلامي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.