ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي جي پٺتي پيل علائقن ۽ صنعتن کي سستي بجلي فراھم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
گذريل ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين شھريار چشتي سان ملاقات دوران وڏي وزير طرفان ھدايتون جاري ڪيون ويون.
اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو سي اِي او سيد طحھ، پي ايس سي ايم آغا واصف ۽ سيڪريٽري توانائي شعيب انصاري سميت ٻيا بھ موجود ھئا.
وڏي وزير توانائي واري کاتي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ھدايت ڪئي تھ ڪراچي جي بجلي صارفين لاءِ ھدفي سبسڊي پروگرام تي گڏيل مطالعو ڪيو وڃي.
ھن گھٽ آمدني وارن علائقن ۽ صنعتي زونز کي سستي بجلي فراھم ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جي بھ ھدايت ڪئي تھ جيئن گرمين جي آغاز سان گڏ پٺٽي پيل علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ گھٽ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وڏي وزير پٺتي پيل علائقن ۾ ڊگھي بجلي جي بندش تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو تھ گرمي جي آغاز سان غريب طبقن جي مشڪلات وڌي وئي آھي ۽ لوڊ شيڊنگ ۾ گھٽتائي لاءِ خاص طور تي غريب پاڙن ۾ قابل عمل حل ڪڍڻ ضروري آھي.
مراد علي شاھھ ھدايت ڏني تھ ڪراچي جي بجلي صارفين لاءِ ھدفي سبسڊي پروگرام تي مطالعو ڪيو وڃي تھ جيئن مستحق گھراڻن کي رليف فراھم ڪري سگھجي.