لاھور: لاھور ۾ تيز ھوائن سان برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ھوا ۽ برسات سبب بجلي جو نظام سخت متاثر ٿي ويو، ليسڪو جا 200 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ڪري ويا، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، فيروز والا ۽ آسپاس ۾ بھ تيز ھوائن سان برسات پئي.
وزير آباد ۽ آسپاس ۾ تيزي طوفان ۽ برسات ٿي جنھن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.
موسميات کاتي مطابق شھر ۾ گذريل رات ٿيندڙ برسات سبب گرمي ۾ گھٽتائي واقع ٿي آھي، شھر ۾ اڄ سڄو ڏينھن سج ۽ ڇانوَ جي راند جاري رھندي، گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 23 جڏھن تھ وڌ کان وڌ 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آھي.
انگن اکرن مطابق ھوا جي رفتار پنج ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن تھ ھوا ۾ نمي جو تناسب 38 سيڪڙو تائين وڃي پھتو.
موسميات کاتي مطابق اڄ شھر ۾ بادل وسڻ جا ڪي بھ امڪان ناھن.