لائیو لاھور ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، وڻ، بجلي جا پول ڪري پيا، 4 ڄڻا زخمي

فہرستِ مضامین

لاھور: لاھور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ھوائون ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي.

لاھور ۾ ڪئنال روڊ، گلبرگ، مال روڊ، جيل روڊ، فيروز پور روڊ، جوھر ٽائون، چونگي امر سدھو، ملتان روڊ، وحدت روڊ سميت مختلف علائقن ۾ برسات ٿي، علامھ اقبال ٽائون، مسلم ٽائون ۾ بھ بادل وسيا.

ملتان ۽ آسپاس ۾ تيز ھوائن سان برسات ٿي، جعفر آباد ۾ مٽي جي طوفان بعد تيز برسات تباھي مچائي ڇڏي، وڻ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بھاولنگر، خانپور ۽ ڪالاباغ ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي،  برسات پوڻ سبب گرمي ۾ گھٽتائي اچي وئي، سنڌ ۾ نئون ديرو، شھداد ڪوٽ، ڪنڌڪوٽ ۽ موھن جو دڙو ۾ تيز ھوائن سان برسات پئي.

سکر ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام معطل ٿي ويو ۽ سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں