ٽي پي وي جي ڪلاسڪ ڊرامن ۾ پنھنجي يادگار اداڪاري ذريعي شھرت حاصل ڪندڙ ناليواري پاڪستاني اداڪارھ شگفتھ اعجاز ڪراچي شھر بابت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آھي.
تازو ئي شگفتھ اعجاز خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي ھن مختلف معاملن تي ڳالھائيندي ڪراچي بابت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو.
ھڪ سوال تھ جيڪڏھن اوھان کي ڪراچي کي ھڪ جملي ۾ بيان ڪرڻو ھجي تھ ڇا چونديون؟ جي جواب ۾ اداڪارھ صرف ھڪ لفظ جو استعمال ڪيو ۽ چيو تھ “گندو”.
ھن وضاحت ڏيندي چيو تھ مان ڪراچي جي باري ۾ اھو ان لاءِ چئي رھي آھيان ڇو تھ اھا منھنجي دل جي ڳالھھ آھي، ھي منھنجو شھر آھي، مان ھتي رھندي آھيان، ان لاءِ مون فوري اوھان سان ان جي شڪايت ڪئي.
اداڪارھ چيو تھ ڪراچي جي موجودھ صورتحال ڏسي مون کي ڪاوڙ ايندي آھي.
ھن لاڳاپيل عملدارن کي خدا جو واسطو ڏيندي چيو تھ ڪراچي جي روڊن کي ٺيڪ ڪريو، انھن جي تعمير ۽ بھتري تي ڌيان ڏيو تھ جيئن ايمرجنسي جي صورت ۾ بھتر آمدرفت کي يقيني بڻائي سگھجي.
سوشل ميڊيا صارفين جي وڏي تعداد شگفتھ اعجاز جي ان راءِ سان اتفاق ڪندي نظر آئي، جڏھن تھ ڪجھھ ماڻھن سندس ان واضح موقف کي ناپسند بھ ڪيو.